مخدوم عبدالرحمان جو قبو

مخدوم عبدالرحمان جو قبو

عبدالرحمان شهيد جو قبو

عبدالرحمان شهيد جو قبو: مخدوم عبدالرحمان جو مقبرو کهڙا شريف، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. مقبرو مستطيل رٿ جو آهي. دروازو اوڀر طرف ڏنل اٿس. دروازي جي مٿان ٻُٽيل دري ۽ ان جي مٿان تاج ڏنل آهي. ڪنڊن وٽ زميني سطح کان پانيل مٿي وڃن ٿا. اهي پانيل چئن ڪنڊن تي موجود آهن، جن تي ٻيڙٻني وٽ ننڍڙيون ميناريون ۽ انهن جي مٿان گنبذڙيون رکيون ويون آهن. ان جي مٿان نيلون ڏنل آهن. ٻيڙٻنا ننڍڙن ڪنگرن سان سجايل آهن. مٿان ڇت تي وڏو ڳچ ٺهيل آهي، ان جي مٿان وڏو گنبذ رکيل آهي. ڳچ ۾ ننڍڙن پانيلن سان ڪنهن ڪنهن هنڌ تي دريون/ هوائوڻا ڏنل آهن. گنبذ خوبصورت ۽ گول آهي. ان جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ڏنل آهي. خبر ناهي ته ڇو هيڏي وڏي گول گنبذ تي ابتو ڪوڻيءَ جو گل ايترو ننڍو ٺاهيو ويو آهي؟ ان ابتي گل جي مٿان ڪلسو به ننڍو ٺهيل آهي. سڄو قبو اڇي چُن سان پوچي ٿيل آهي.مقبرو سادڙو پر خوبصورت آهي. مقبري جي سارسنڀال ٿيندي اچي ٿي. ان لاءِ بهتر حالت ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو